الھبچايو فقير

الھبچايو فقير: مشھور فنڪار الھبچايو فقير ولد فقير بادل مڱڻھار 1984ع ڌاري، ڳوٺ عارب پلي، تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. 1996ع ۾ اتان لڏي تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ نونھيي ۽ ان کان پوءِ 2006ع ۾ حويلي ۾ رهائش پذير ٿيو. سندس چاچو شادي فقير مشھور فنڪار هو. فقير الھبچائي پنج درجا سنڌيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ راڳ جي شوق سبب امير علي خان'>استاد امير علي خان جي شاگردي اختيار ڪئي. جنھن وٽ راڳ سان گڏ هارمونيم جي مڪمل سکيا حاصل ڪري، ڌاڳو ٻڌرايو. کيس مالڪوس تي دسترس رهي آهي. ٿر پروڊڪشن پاران سندس پنج البم جاري ٿي چڪا آهن. کيس 2008ع ۾ خانصاحب خير محمد خان اوارڊ به مليو. 2000ع کان عمرڪوٽ شھر ۾ ’لئي سُر تال‘ نالي سان ڪلب قائم ڪري، شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏئي رهيو آهي. سندس شاگردن مان ايوب ساگر ۽ ڪيھر فقير مشھور آهن.


لفظ الھبچايو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو